شوبز

ماڻهو منهنجي لاءِ ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان نھ ڏسندا: پلڪ تيواري

بالي ووڊ ۾ فلم ڪسي ڪي جان ڪسي ڪا ڀائي ۾ ڊيبو ڏيندڙ اداڪارا پلڪ تيواري چيو آهي تھ ماڻهو منهنجي لاءِ فلم ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان نھ ڏسندا، پر ان ۾ مان رڳو هڪ معاون اداڪارا آهيان، ٻي ڪاسٽ تمام وڏي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ فلم ۾ سلمان جهڙو وڏو سپر اسٽار آهي، جنهن سان گڏ ونڪٽيش دگوبٽي ۽ رام چرن بھ مداحن جو ڌيان ڇڪائي ويندا، تنهنڪري اهو چوڻ تھ ماڻهو منهنجي ڪري فلم ڏسندا، اهو مذاق آهي. هوڏانهن هڪ ٻي ڳالهه ٻولهه ۾ هن وضاحت ڪندي چيو تھ سلمان خان بابت منهنجي ڳالهه جو غلط مطلب ورتو ويو، مون اهو چيو تھ جڏهن سيٽ تي سلمان خان جهڙو سپر اسٽار يا سڃاڻپ وارو ماڻهو هجي تھ لباس پائڻ جا اصول ٻيا هوندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button