پاڪستانپنجاب

آئي ايم ايف جا سڀئي شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ڪو بهانو نه ڪري:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آ ايم ايف جا سڀئي شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي آ ايم ايف وٽ قرض نه ڏيڻ جو ڪو بهانو ناهي بچيو، نه ئي ڪو بهانو ڪري، اسان وٽ شرط مڃڻ کانسوا ڪو رستو نه هو، جنهن ڏينهن آ ايم ايف مان جند ڇٽندي اهو خوشي جو ڏينهن هوندو. لاهور ۾ ريلوي ڪراسنگ فلاءِ اوور ۽ ملٽي ليول شاهدرا چوڪ فلاءِ اوور جي افتتاحي منصوبن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ نواز ليگ هڪ خوشحال پاڪستان ڇڏيو هو، جنهن بعد هڪ جهرلو ۽ فراڊ چونڊون ٿيون، جنهن ملڪ جي ترقي جي سفر کي نه رڳو ختم ڪيو پر پاڪستان کي تمام گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو، اها هڪ دردناڪ داستان آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ چونڊ نتيجا تبديل ڪيا ويا، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو اهو اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويو، هاڻي اسان آءِ ايم ايف مان جند ڇڏائڻ چاهيون ته به نٿا ڇڏائي سگهون. شاهه درا فلاءِ اوور جي تعمير پنجاب حڪومت جو منصوبو آهي ۽ اسان ميٽرو بس سروس کي ڪالاشاهه ڪاڪو تائين وٺي وينداسين، اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار اسان جي دور حڪومت جي ترقياتي منصوبن کي نه روڪي ها ته اڄ پنجاب جي حالت اهڙي نه هجي ها، عمران خان جي چئن سالن جي دور ۾ ڪرپشن جي انتها ٿي وئي، پنجاب ۾ غريب عوام لاءِ مفت اٽي جي فراهمي شروع ڪئي، جنهن تي 65 ارب رپين جي رقم خرچ ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي اڄ هتي اچي منصوبي جو افتتاح ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، ڪجهه معاملن تي ڳڻتي پڻ آهي. خوشي ان ڳالهه جي آهي ته ترقي جو سفر پنجاب ۾ ڇڏي ويا هئاسين، نگران وڏي وزير محسن نقوي انتهائي جذبي سان انهن منصوبن کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي، ڳڻتي ان ڳالهه جي آهي ته اڳوڻي دور حڪومت ۾ پنجاب ۾ شروع ڪيل اسان جي عوامي ۽ ترقياتي منصوبن کي روڪيو ويو ۽ توجهه نه ڏيڻ سبب اهي منصوبا اتي ئي بيهجي ويا. هن چيو ته اسان جا اهي منصوبا عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هئا، انهن جي تڪميل سان شهرين جي زندگي جو معيار بلند ٿئي ها. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي تقريب ۾ انتهائي فرض شناس آفيسر ڪمشنر لاهور علي رنڌاوا ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور اسان جي ڌيءَ موجود آهن، مان انهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته تقريب ۾ قالين وڇائڻ جي ضرورت نه هئي، بلڪه هي تقريب سادي نموني ڪئي وڃي ها. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جي ازالي لاءِ پنجاب ۾ مفت اٽي جي فراهمي شروع ڪئي، جنهن تي 65 ارب رپين جي رقم خرچ ٿي، مان اهڙي طرح جا اسڪيم ماضي ۾ پڻ شروع ڪيا هئا، دڪانن تي سبسڊائيز اٽو فراهم ڪيو. هن چيو ته نواز شريف جڏهن وزيراعظم هو ته ملڪ ۾ 20-20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ هئي جنهن کي اسان ختم ڪيو. شهباز شريف چيو ته 2018ع ۾ (ن) ليگ هڪ خوشحال پاڪستان ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ هڪ جهرلو ۽ فراڊ اليڪشن ٿي جنهن ملڪ جي ترقي جو سفر ختم ڪري ڇڏيو، بلڪه پاڪستان کي تمام پوئتي ڌڪي ڇڏيو، تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ چونڊ نتيجا تبديل ڪيا ويا، اسان ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا هئاسين پر ان کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي. هن چيو ته لاهور ۾ اسان جيڪي ترقياتي ڪم ڪيا، اهي سڀني جي اڳيان هئا. هتي رات جو 2 وڳي روڊن جي صفائي ڪئي ويندي هئي پر هاڻي روڊ تباهه ٿي ويا ۽ عمران دور ۾ صفائي ڪندڙ ترڪ ڪمپني جي ترڪ دوستن کي گرفتار ڪري بي عزت ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي وڌي چڪي آهي، جنهن جو اسان کي بخوبي اندازو آهي ۽ اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي، پر اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو انڌو منڊو معاهدو ڪيو، اهو اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، هاڻي اسان آءِ ايم ايف مان جند ڇڏائڻ چاهيون به ته نٿا ڇڏائي سگهون، اسان کي نه چاهيندي به آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻا پون ٿا. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو آخري شرط اهو هو ته اوهان دوست ملڪن کان ڪجهه ارب ڊالر وٺي اچو، ڇاڪاڻ ته هو اسان جي مسئلن ۾ اضافو ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻي انهن شين کي اسان جي دوست ملڪ چين اڳ ئي محسوس ڪري ورتو ته آءِ ايم ايف جي شرط تي پاڪستان جي مشڪلاتن ۾ ويتر واڌ ٿيندي، اهو سوچي چين هميشھ وانگر پنهنجي دوستي جو هٿ اڳيان وڌائيندي حڪومت کي ڏنل قرضن ۾ 2 ارب ڊالرن کي رول اوور ڪيو ۽ 2 ارب ڊالر جتي ملڪ کي قرضن جي مد ۾ ڏئي چڪا هئا، اهي واپس ڪري ڇڏيا، ان کان علاوه سعودي عرب ۽ يو اي اي اسان کي 3 ارب ڊالر ڏنا جنهن لاءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نوجوان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڏينهن رات ڪوششون ڪيون. هاڻي آءِ ايم ايف وٽ ڪوبه بهانو ناهي. هن چيو ته هاڻي اسان کي پاڻ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان زندگي قرضن تي گذاريون يا پنهنجي پيرن تي بيهون، اسان پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ جادو ۽ ڦيڻي جا سهارا نه ورتا پر ان لاءِ سخت محنت ۽ مشقت جي ضرورت هوندي آهي، شهباز شريف چيو ته شاهدرا فلاءِ اوور جي تعمير پنجاب حڪومت جو منصوبو آهي ۽ اسان ميٽرو بس سروس کي ڪالا شاهه ڪاڪو تائين وٺي وينداسين، جيتوڻيڪ هي منصوبو مون پنهنجي وڏ وزارت دوران ڇڏيو هو، ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار هن منصوبي کي روڪي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته ان منصوبي جي تڪميل سان مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو، منهنجي خلاف 56 ڪمپنين ۾ ڪرپشن جا ڪيس قائم ڪيا ويا ۽ مان اڄ انهن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا انهن 56 ڪمپنين ۾ مون خلاف هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت ٿي؟ هن چيو ته اورينج لائين ٽرين منصوبي تي 300 صفحن تي ٻڌل فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي مون خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي ۽ ان فيصلي کي پي ٽي آءِ ثاقب نثار جي عدالت ۾ چئلينج ڪيو، جنهن کي ثاقب نثار 8 مهينن تائين لٽڪائي رکيو ۽ فيصلو نه پئي بڌايو. ڇاڪاڻ ته هن نه پئي چاهيو ته مسلم ليگ (ن) ٻيهر حڪومت ۾ نه اچي، هي ڪيتري ڪم ظرفي آهي جو هي منهنجو منصوبو نه عوام جو منصوبو هو، منصوبي ۾ دير ٿيڻ سان ان جي لاڳت ۾ اربين رپين جو اضافو ٿيو، ثاقب نثار پنهنجي ڀاءُ کي انچارج بڻائڻ لاءِ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ کي تباهه ڪيو. هن چيو ته قومن جي ترقي ذاتي پسند يا ناپسند تي نه ٿيندي آهي پر قومي مفاد اهميت وارا هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي بزرگن جون قبرون اڄ اسان کي سڏي سڏي چئي رهيون آهن ته پاڪستان کي جنهن مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو اڄ اهو پاڪستان ناهي. هن چيو ته اسان کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان بڻائڻ لاءِ يڪجهتي، محنت ۽ قومي مفادن کي اڳيان رکڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button