اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لا قوم ۽ حڪومت جي گڏيل موقف جي ضرورت آهي:ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ان ارادي جو اظهار ڪيو آهي ته فوجي قيادت عوامي حمايت سان پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائيندي رهندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ 257 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي جي چئلينجن سميت ملڪي ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي ته عسڪري قيادت کي چئلينجن جو مڪمل اندازو آهي ۽ اها ملڪ جي عوام جي حمايت سان گڏ پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ جو عزم رکي ٿي. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ٿيل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فورم اندروني ۽ ٻاهرين خطرن خلاف قومي ردعمل جي مڪمل حمايت لا هٿياربند فوج پنهنجو عزم ورجايو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز اولهندي سرحد وارن علائقن ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪاروايون ڪري رهيون آهن، دهشتگردي جي لعنت کي مستقل بنياد تي ختم ڪرڻ لا سڄي قوم ۽ حڪومت کي گڏيل روش اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪانفرنس قومي سگهه جي مڙني عنصرن کي مربوط نموني لاڳو ڪري دهشتگردي خلاف مهم کي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جا طئي ڪيل هدف حاصل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو. آ ايس پي آر طرفان بيان ۾ چيو ويو ته حڪومت طرفان دهشتگردن خلاف منظور ڪيل دهشتگردي ٽوڙ مهم سان هڪ مڪمل نظام ذريعي ملڪ ۾ دهشتگردي، انتها پسندي ۽ عدم استحڪام جو خاتمو آندو ويندو، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لا قوم ۽ حڪومت کي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button