پاڪستانپنجاب

سراج الحق حڪومت ۽ عمران خان کي ڳالهيون شروع ڪرڻ تي مڃائي ورتو، ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حڪومت ۽ تحريڪ انصاف قيادت کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ لا مڃائي ورتو، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهيون شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ٽه رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مطابق ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، هوابازي ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق پڻ موجود هئا. جماعت اسلامي جو ساڳيو وفد وزيراعظم سان ملڻ بعد سراج الحق جي اڳواڻي زمان پارڪ لاهور پهتو جتي عمران خان سان سندن اهم ملاقات ٿي آهي. ذريعن موجب سراج الحق زمان پارڪ ۾ عمران خان سان ملاقات ڪري کيس حڪومت سان ڳالهين جي تجويز ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ۾ واضح ڪيو ته عمران خان سان آئين جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪيون وينديون، جڏهن ته عمران خان به ڳالهين جي آڇ تي هاڪاري موٽ ڏني. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن هڪ ئي وقت تي ڪرائڻ موضوع آهي، سياسي صورتحال کي سياسي طريقي سان ئي گڏجي ويهي حل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪا به غير يقيني واري صورتحال برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تفصيلي ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسان جي طرفان چونڊن لا وڏي پئماني تي اتفاق را خاطر ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، جنهن تي عمران خان تجويز جي آجيان ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف آئين جي حدن ۽ دائري اندر ڳالهه ٻولهه لا تيار آهي. ان کان اڳ ملاقات ۾ ٻنهي جماعتن وچ ۾ رابطن جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button