اسلام آبادپاڪستان

مذهبي معاملن جو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور روڊ حادثي ۾ فوت

مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير ۽ جي يو آ جو قومي اسيمبلي ميمبر مفتي عبدالشڪور روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. اسلام آباد پوليس موجب مولانا عبدالشڪور ميريئٽ هوٽل کان سيڪريٽريٽ چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو ته ڊبل ڪيبن گاڏي مولانا عبدالشڪور جي ڪار کي ٽڪر هنيو. پوليس موجب مولانا عبدالشڪور کي زخمي حالت ۾ پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر سندس حياتي بچي نه سگهي. گاڏي کي ٽڪر هڻندڙ هيلڪس ريوو ۽ ان ۾ سوار 5 ماڻهن کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي. واضح رهي ته جميعت علماءِ اسلام (ف) جو اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور متحده مجلس عمل جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 51 تان ڪامياب ٿيو هو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نظرياتي سياسي ڪارڪن ۽ سٺو انسان هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button