شوبز

شيخ رشيد “بڪواس بند ڪر” چئي حريم شاهه جو فون ڪٽي ڇڏيو

پاڪستان جي تڪراري ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه کي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد “بڪواس بند ڪر” چئي فون ڪٽي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه ويب شو جي ميزبان جي چوڻ تي گهرو وزير کي فون ڪري ڌڙڪا کاڌا آهن. جڏهن تھ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل شو جي ٽيزر ۾ ميزبان تابش هاشمي حريم شاهه کي فون لا زور ڀريو. دلچسپ ڳالهه اها هئي تھ حريم شاهه شيخ رشيد جو نمبر شيخو جي نالي سان محفوظ ڪري رکيو، جنهن تان ڪال وڃڻ تي شيخ رشيد فون اٽينڊ ڪئي. ان کان اڳ ميزبان تابش حريم شاهه کي چيو تھ ڇا شيخ رشيد اڄ بھ اوهان جي فون کڻندو آهي، جنهن تي حريم شاهه وراڻيو تھ، فون ڪري ڏسان ٿي، کڻي ٿو يا نھ. هوڏانهن ڪال وڃڻ تي شيخ رشيد نھ رڳو اٽينڊ ڪئي پر پڇيو تھ، اوهان ڇو فون ڪيو، حريم شاهه کيس زور ڀريو تھ ڪچهري ڪيو، شيخ رشيد وراڻيو ته ڪچهري نٿو ڪري سگهان، هن وڌيڪ زور ڀريس تھ هن بڪواس بند ڪر چئي فون بند ڪري ڇڏي، جنهن تي حريم شاهه، ميزبان ۽ ٻيا شو ۾ شريڪ ماڻهو کلي ويٺا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button