سنڌ

اڏيرو لال اسٽيشن ڀرسان پرائمري اسڪول وڏيري جي گودام ۾ تبديل،تعليم ٺپ

اڏيرولال اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ڀورو حاجاڻو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي بااثر وڏيري واحد بخش حاجاڻي گودام ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن سبب اسڪول ۾ تدريسي عمل ٺپ ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڳوٺ جي سوين ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. بااثر وڏيري پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي اسڪول جي عمارت هڪ شخص حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن عمارت ۾ ٽريڪٽر جو پراڻو سامان، آئل ۽ ٻيو سامان رکي ڇڏيو آهي. تعليم کاتي مٽياري جي سستي سبب ڳوٺ ڀورو حاجاڻو جو اسڪول گودام ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ اهڙا کوڙ سارا اسڪول آهن، جتي پڻ تعليمي سرگرميون معطل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي جو صوبائي وزير فوري نوٽيس وٺي اهڙي غلط عمل جي جاچ ڪرائي اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون بحال ڪري سوين ٻارڙن جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ قدم کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button