سنڌ

ڳاڙهو ۾ عوامي تحريڪ جو مهانگائي ۽ لاقانونيت خلاف مظاهرو

ڳاڙهو ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ مهانگائي، لاقانونيت، نقلي زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي وڪري، شهيد ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لا وين اسٽاپ کان مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بلاول لاشاري، فيض سنڌي، اڪبر گلڙي، اسلم سمون، ادريس پليجي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ٻين صوبن کان به گو کڻي وئي آهي. هنن چيو ته نقلي زرعي ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ سرعام وڪرو ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن. هنن چيو ته شهيد ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جا قاتل اسيمبلي ميمبر آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button