سنڌ

حيدرآباد ۾ بدامني،پئٽرول پمپ جي ملازمن کان 27 لک روپيا ڦر

حيدرآباد ۾ بدامني جي باهه تي ڪنٽرول نه ٿيو، ڏينھن ڏٺي جو پيٽرول پمپ جي ملازمن کان 27 لک روپيا ڦر ٿي ويا. تفصيل موجب حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ ڄامشورو روڊ تي هٿياربند پيٽرول پمپ جي ٻن ملازمن کان مبينا طور 27 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي. ان ڏس ۾ پمپ مالڪ لقمان ٻڌايو ته اسان جا ملازم احسان ۽ رضوان پمپ تان پئسا کڻي بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رھيا ھئا ته رستي تي ھٿياربندن ڦر ڪئي آھي. پوليس موجب پمپ مالڪ جو چوڻ آھي ته مون کي ملازمن تي شڪ آھي، جنھن کانپو پوليس ٻنھي ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button