سنڌ

سڪرنڊ ۾ ويڪسينيٽرن کي بحال نه ڪرڻ خلاف ٻارڙن جو احتجاج

سڪرنڊ ۾ ويڪسينيٽرن جي بحالي لا سندس ٻارڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اسان جي والدين کي نوڪري مان برطرف ڪري ظلم ڪيو ويو آھي، خرچ نه هئڻ سبب تعليم تباھه ٿي وئي آھي، هنن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ ۽ راند کيڏڻ بدران چپس ۽ ٻيون شيون کپائي مزدوري ڪري رهيا آهيون، جنهن سان آمدني ايتري آهي جو ھڪ ويلو کائون ٿا ته ھڪ ويلو بک تي آھيون. احتجاج جي حمايت ڪندي علائقي نيڪ مرد سمير علي شاھاڻي چيو ته ويڪسينٽرن کي فورن بحال ڪري انھن جي ٻچڙن جي حياتي ۽ تعليم کي بچايو وڃي. ان سان گڏ نون ڄاول ٻارن جي به حياتي بچائي وڃي ڇاڪاڻ جو ويڪسينيٽرن جي ھڙتال سبب ڪيترن ئي ٻارن کي ٽڪا نه لڳي سگھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button