
پاڪستان جي مشهور اداڪارا رباب هاشم ڌيءَ کي جنم ڏنو، جنهن کي سندس ساٿي فنڪارن ۽ مداحن پاران مبارڪون ڏنيون ويون آهن. ميڊيا مطابق رباب هاشم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ڌيءَ جي پيدائش جي خبر مداحن سان شيئر ڪندي تصوير رکي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو تھ، رمضان مهيني جي مبارڪ ڏينهن ۾ اسان کي الله تعاليٰ نياڻي جو اولاد عطا ڪيو آهي، جنهن تي اسين تمام گهڻا خوش آهيون، اسان ڌيءَ جو نالو مائشا صهيب علي رکيو آهي.