شوبز

سلمان خان کي ٻيهر قتل جي ڌمڪي، راکي لاءِ تنبيهه جاري

بالي ووڊ فلمن جي سپر اسٽار سلمان خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي گينگيسٽر لارينس بشنوئي بالي ووڊ جي ڀائي سلمان خان کي اي ميل ذريعي قتل جي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن ۾ راکي ساونت کي تنبيهه جاري ڪندي چيو ويو آهي تھ اها هن معاملي ۾ احتياط ڪري ۽ وچ ۾ نھ اچي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سلمان خان کي لارينس بشنوئي ڪجهه وقت اڳ بھ ڌمڪي ڏني هئي، جنهن تي راکي ساونت چيو تھ لارينس سلمان خان کي ڇڏي ڏيو، مان ان جي پاران معافي وٺان ٿي، جنهن بعد گينگيسٽر ٻيهر ڌمڪي ڏياري موڪلي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button