اسلام آبادپاڪستان

پنجاب ۽ پختونخوا جي نگران حڪومتن کي هٽائڻ لاءِ درخواست

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ پنجاب ۽ پختونخوا جي نگران حڪومتن کي هٽائڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ ترجمان موجب درخواست تحريڪ انصاف، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ پختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان طرفان داخل ڪئي وئي آهي. آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت داخل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ نگران وڏي وزيرن کي فوري طور هٽايو وڃي. اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته ٻنهي نگران وڏن وزيرن کي فوري طور تي پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي. وفاق کي درخواست ۾ گهرو، ناڻي ۽ قانون ۽ انصاف جي سيڪريٽرين ذريعي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ صدر ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽريز کان علاوه پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏن وزيرن ۽ اليڪشن ڪميشن کي به ڌر بڻايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button