اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جو حڪومت کي 27 اپريل تائين فنڊ ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي بچاءَ واري وزارت جي درخواست رد ڪندي حڪومت کي 27 اپريل تائين فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل پرامن، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن تي زور ڏنو، درخواستگذار موجب عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين ۾ گڏيل احترام ۽ مفاهمت هجڻ گهرجي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته 1970ع ۽ 1977ع جي چونڊن جي ابتڙ هڪ ئي وقت چونڊن جا بهتر نتيجا آيا. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جو موقف درست آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته سياسي ڳالهين کي 14 مئي جي عدالتي حڪم کان پاسو ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، درخواستگذار جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ بچاءَ واري وزارت جون آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ چونڊون ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم حتمي ٿي ويو آهي، ان کي رد ڪرڻ جو هڪ ممڪن اثر اهو به آهي ته حڪومت اڪثريت وڃائي ويهندي. سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل اڪثريت وڃائڻ جي امڪان کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. اٽارني جنرل موجب وزيراعظم ۽ ڪابينا کي پارليامينٽ جي اڪثريت جو اعتماد حاصل آهي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالتي حڪم جي نافرماني ۽ انحراف جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، اٽارني جنرل حڪومت کي عدالتي حڪم جي نافرماني جي نتيجن کان آگاهه ڪري ته جيئن ان جو ازالو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button