اسلام آبادپاڪستان

عيدالفطر ڪڏهن ٿيندي؟ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اسلام آباد ۾ اهم اجلاس طلب

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاڪستان جو اجلاس اڄ مذهبي معاملن واري آفيس حڪومت پاڪستان ڪوهسار ڪامپليڪس پاڪ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد چيئرمين مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاڪستان جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ مرڪزي ۽ زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اسلام آباد جا ميمبر مذهبي معاملن جي وزارت، اسپارڪو کاتو، موسميات کاتو ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت سان تعلق رکندڙ نمائندا به شريڪ ٿيندا، جن ۾ ڊائريڪٽر جنرل مذهبي معاملن واري وزارت سيد مشاهد حسين خالد، علامه محمد ڊاڪٽر حسين اڪبر، مفتي فضل جميل رضوي، حافظ عبدالغفور، زونل ميمبر اسلام آباد ۾ مفتي محمد اقبال نعيمي، علامه سجاد حسين نقوي، مفتي عبدالسلام جلالي، مولانا ابوبڪر صديق حنيف، موسميات کاتي مان راشد بلال ۽ ٻيا شامل ٿيندا سڄي ملڪ ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس لاڳاپيل ڪوارٽرز لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۾ ٿيندا. جنهن ۾ شوال مهينو 1444 هجري جي چنڊ ڏسڻي جو فيصلو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button