پاڪستانپنجاب

ملڪ ۾ دهشتگردي جو راڄ ۽ ايف آ آرز جو سرڪس لڳل آهي: عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جو راڄ هڪ ٻي طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي جيڪا پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿي. ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته جهڙي نموني اسان هڪ اهڙي جمهوريت بڻجي ويا آهيون جتي قانون جي حڪمراني ناهي ۽ رڳو جهنگ جو قانون هلي ٿو، ان مان اهو واضح آهي ته دهشتگردي جو هي راڄ پي ڊي ايم جي ڪٺ پتلين ذريعي نه پر هڪ ٻي طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو، جيڪا طاقت پاڻ کي قانون کان مڪمل طور تي مٿانهون سمجهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کانپو جعلي ايف آ آرز داخل ڪيون وڃن ٿيون، جيئن ئي هڪ ڪيس ۾ ضمانت ملي ٿي ۽ مٿان ٻي ايف آ آر سامهون اچي ٿي، منهنجي خلاف 145 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، هي ايف آ آرز جو سرڪس آهي، زمان پارڪ جي بورچي، سوشل ميڊيا جي ذميوار اظهر مشواڻي، وقاص ۽ سيڪيورٽي انچارج افتخار گهمڻ سڀني کي اغوا ڪيو ويو ۽ سافٽ ويئر اپڊيٽ جي ڪوششن تحت کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button