اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري سياسي ڊائيلاگ جو حامي، چيف جسٽس جي ڏنل مشوري جي آجيان ڪري ڇڏي

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان سياسي پارٽين سان ڳالهين واري مشوري جي آجيان ڪئي آهي. آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اسان کي ٿورو وقت ڏئي، اسان پاڻ ۾ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، بعد ۾ سياسي مخالفن سان ڪنداسين. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسان پاڻ ۾ ڳالهيون شروع ڪيون آهن ته جيئن حڪومتي اتحاد هڪ موقف تي اچي وڃي، اسان به هڪ ڏينهن تي اليڪشن ڪرائڻ چاهيون ٿا، پاڻ ۾ ڳالهين بعد مخالفن سان به ڳالهائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button