اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ اڄ گهرائي ورتا

اسلام آباد :چيف جسٽس عمر عطا بنديال ملڪ جي سڀني اسيمبلين جون چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي ريمارڪس ڏنا آهن ته 14 مئي جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي، تنهن ڪري سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ بچاءَ واري وزارت طرفان سڄي ملڪ ۾ چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي شنوائي ڪئي. عدالت اڄ سڀني سياسي جماعتن کي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سموريون سياسي جماعتون پنهنجي نمائندن ذريعي موقف ڏين، سياسي جماعتون جيڪڏهن هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي. جيڪڏهن سياسي جماعتون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت انهن سان گڏ آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سياسي جماعتن کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، نگران حڪومت 90 ڏينهن کان وڌيڪ برقرار رهڻ تي به سوال اٿي ٿو، ڳالهين جو معاملو آهي ته 8 آڪٽوبر تي ضد نٿو ڪري سگهجي. هڪ طرفو ڪجهه نٿو ٿي سگهي، سياسي جماعتن کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. جسٽس منيب اختر چيو ته آئين ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ تي چونڊن جو وقت مقرر آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته برطانيا ۾ جنگ دوران وقت تي چونڊون ٿيون هيون، بم ڌماڪن دوران به برطانيا ۾ چونڊون ٿيون. اٽارني جنرل چيو ته سيڪيورٽي فورسز جو ڪم خطرن کي منهن ڏيڻ آهي، 2001 کان سيڪيورٽي ادارا سرحدن تي مصروف آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اليڪشن ڪميشن فنڊ ۽ سيڪيورٽي ملڻ تي چونڊون ڪرائڻ جو چيو، عدالتي حڪم هڪ کان ٻئي اداري ڏانهن موڪليو پيو وڃي. اٽارني جنرل چيو توهان جيڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا، اهو سمجهي ويو آهيان. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته 8 آڪٽوبر تي چونڊون ٿي وينديون؟ اٽارني جنرل چيو فوج چونڊن جي مقرر وقت موجب آپريشن شروع ڪري ڇڏيا هئا. جسٽس منيب اختر پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرٽيڪل 245 تحت فوج سول حڪومت جي مدد لاءِ ايندي آهي؟ اٽارني جنرل چيو آرٽيڪل 245 تحت بنيادي حق معطل ٿيندا آهن. جسٽس منيب اختر چيو ڇا 2018 جي چونڊن ۾ بنيادي حق معطل ٿيا؟ وفاقي حڪومت آرٽيڪل 245 جو اختيار استعمال ڇو نه پئي ڪري؟ ڇا آئين مٿانهون ناهي؟ فوج ملڪ لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج جا ته سڀني کي ٿورا مڃڻ گهرجن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته سپليمنٽري گرانٽ جي به منظوري ورتي ويندي، ان جي ابتڙ معاملو پارليامينٽ ڏانهن موڪليو ويو، ڇا اهو صرف چونڊن لاءِ ٿيندو آهي يا عام حالتن ۾ به ائين ٿيندو آهي؟ اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته گرانٽ جي منظوري بعد ۾ ٿيڻ جو خطرو هو، موجوده صورت ۾ گرانٽ جاري ٿيڻ کان اڳ منظوري وٺڻ جو وقت آهي. اٽارني جنرل چيو ته گرانٽ منظور ڪرڻ جو اصل اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، اسيمبلي اڳ به ٺهراءُ ذريعي راءِ ڏني هئي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ چيو ته وسيلا فراهم ڪري چونڊون ڪرايون وينديون، هاڻي چون ٿا ته ملڪ ۾ انتشار پکڙجي ويندو، اليڪشن ڪميشن سڄو ڪيس ٻيهر کولڻ چاهي ٿي، رپورٽ ۾ عجيب و غريب درخواست آهي. دفاع واري وزارت جي، ڇا دفاع واري وزارت چونڊون گڏ ڪرڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿي؟ بچاءَ واري وزارت جي درخواست اڻٽر آهي، وزير ٽي وي تي چوندي ٻڌا ويا ته آڪٽوبر ۾ چونڊون به مشڪل آهن. اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته ڳالهين جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، امير جماعت اسلامي شهباز شريف ۽ عمران خان سان به ملاقات ڪئي، هڪ کانسواءِ سموريون حڪومتي پارٽيون پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهن. بلاول مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. اڄ هو ڳالهين لاءِ راضي ڪندا، جيڪڏهن معاملا حل ٿي وڃن ته شايد ايتري سڪيورٽي جي ضرورت نه پوي، ٻنهي ڌرين ڳالهين لاءِ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن، عدالت ٿوري مهلت ڏئي ته معاملو حل ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس چيو ته جيستائين ڳالهين جو تعلق آهي ته 8 آڪٽوبر جي مخالفت نه ٿي ڪري سگهجي، هڪ طرفو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهجي، سياسي پارٽين کي جرئتمند ٿيڻو پوندو. عدالت اڄ تائين شنوائي ملتوي ڪندي سڀني سياسي جماعتن کي سينيئر اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button