اسلام آبادپاڪستان

عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس ٻڌندڙ جج جي بدلي

اسلام آباد :تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس ٻڌندڙ جج جي بدلي ڪئي وئي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جي شنوائي ڪري رهيو هو پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي هدايت تي هاءِ ڪورٽ رجسٽرار جج ظفر اقبال جي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جج ظفر اقبال عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جلد شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button