اسلام آبادپاڪستان

پارليامينٽ اهڙا قانون ٺاهي،جيڪي آئيني معيارن تي پورا لهن:چيف جسٽس

اسلام آباد:چيف جسٽس عمر عطا بنديال قومي اسيمبلي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي مصروفيتن سبب حاضر نه ٿي سگهيس. آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي لکيل خط ۾ چيف جسٽس چيو آهي ته آئين پارليامينٽ کي رياست ۾ قانون واضح ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو. خط ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ سٺا قانون جوڙي، اهڙا قانون، جيڪي آئين جي اعليٰ معيار تي پورا لهن ۽ اهي قانون آئين موجب قوم جي ترقي ڪن، اهي قانون قوم جي خوشحالي ۽ امن ۾ رهنمائي به ڪن. خط ۾ چيف جسٽس چيو آهي ته خواهش آهي ته پارليامينٽ اهڙا سٺا قانون ٺاهي، جيڪي پاڪستان جي آئين جي اعليٰ معيارن تي پورا هجن. ان خواهش جو به اظهار ڪريان ٿو ته اهي قانون آئين موجب قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ امن جي رهنمائي ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button