اسلام آبادپاڪستان

71 ۾ ملڪ ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو:جسٽس قاضي فائز

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ماضي مان سبق سکڻ گهرجي، جيڪڏهن فيصلو غلط آهي ته اڪثريت ڪندي يا ڪو هڪ ڪندو، اهو غلط ئي رهندو. جيڪڏهن توهان نٿا چاهيو ته تاريخ پاڻ کي ورجائي ته پوءِ تاريخ مان سبق سکو. قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 1973 جو آئين رڳو سپريم ڪورٽ جو ناهي، ان ۾ سڀني جا حق آهن. هن وقت آئين کي اهڙي نموني پيش نه ڪيو پيو وڃي، آئين رڳو سياستدانن، پارليامينٽ ۽ عدليا جي چند ميمبرن لاءِ نه پر عوام لاءِ آهي. هن چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ڏکيو ڪم هو، اهو 1947ع ۾ ٿيو پر عوام کي آئين ڏيڻ جو ڪم وقت تي نه ٿيو. 958ع ۾ هڪ شخص پاڻ کي بيوقوف سمجهي مارشل لا لڳائي، 1962ع ۾ ان شخص پنهنجو آئين ٺاهيو، 1965ع ۾ ان ئي آئين تحت چونڊون ڪرايون. هن چيو ته سندس پوري طاقت باوجود جيڪڏهن هن شخص کان صورتحال سنڀالجي نه سگهي ته پوءِ کيس ڪنهن ٻئي ڊڪٽيٽر جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 1971ع ۾ ملڪ ُٽٽي ويو، ملڪ اوچتو نه ُٽٽو پر ان جي وچ ۾ ٻج پوکيو ويو، اهو زهريلو ٻج جسٽس منير پوکيو. هن چيو ته جيڪو زهريلو ٻج پوکيو ويو، ان سڄي قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، اڄ جيڪو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون، ان جا اثر صدين کانپوءِ به نڪرندا، جڏهن ناانصافي ٿيندي آهي ته گهڻي دير نه رهندي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته 1971 ۾ پاڪستان ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو.اسلام آباد ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ “آئين پاڪستان قومي وحدت جي علامت” جي موضوع تي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڊسمبر 1971 ۾ پاڪستان اوچتو نه ُٽُٽو پر ان جا ٻج پوکيا ويا هئا، منهنجي راءِ ۾ فيڊرل ڪورٽ جي جسٽس منير پاڪستان ٽوڙڻ جو ٻج پوکيو. هن چيو ته اسان جيڪو ڪم ڪندا آهيون، ان جا اثر صدين تائين هلندا آهن، ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ووٽ سان موت جي سزا ڏني وئي، جيڪڏهن توهان کي تاريخ ناهي ورجائڻي ته تاريخ مان سکو، تاريخ اسان کي سيکارڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا پاڻ ورجايو، تاريخ اسان کي 7 سبق ڏئي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ڏيندي، پاڪستان جي آئين جهڙو تحفو وري نه ملندو. سندس چوڻ هو ته اسان تي آئين جو وڌيڪ بار آهي، اسان حلف کنيو آهي ته آئين جو بچاءُ ۽ حفاظت ڪنداسين، جيستائين ماڻهو آئين کي نه سمجهندا ان جو قدر نه ٿيندو، ظالم چوندو آ ته منهنجي مرضي، آئين چوندو آ ته ماڻهن جي مرضي، زندهه معاشري ۾ اختلاف راءِ هوندو آهي، سڀ ڪنڌ جهڪائي بيهندا ته اها ڳالهه بادشاهت ۽ آمريت ٿي ويندي، قسمين قسمين آرڊر جاري ٿيندا آهن، خبر ناهي ڪنهن کي بي وقوف بڻائي رهيا آهيو. هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس جي شق مظلومن لاءِ رکي وئي، ڪنهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ نه. اهو انتهائي احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نمبرن جي راند سان ڪوڙ کي سچ ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار آهي، اهو ڪٿي به لکيل ناهي ته اهو اختيار سينيئر جج يا چيف جسٽس وٽ آهي. سپريم ڪورٽ جو مطلب سمورا جج آهن. جنرل رٽائرڊ مشرف به پنهنجو پاڻ کي آئيني تحفظ ڏنو.جسٽس قاضي فائز وڌيڪ چيو ته اڄ به جيڪڏهن ريفرنڊم ڪجي ته شايد ئي ڪو چوندو ته جسٽس منير جو فيصلو درست هو. آئين تمام اهم ۽ سڀ کان اول آهي. آئين تي بار بار حملا ٿيا پر آئين قائم رهيو. آئين اسان لاءِ اهڙو تحفو آهي جيڪو بار بار نه ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button