اسلام آبادپاڪستان

بلاول تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ فضل الرحمان کي پرچائڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهچي ويو

پيپلز پارٽي چونڊن جي معاملي تي تحريڪ انصاف سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي حق ۾ آهي پر جي يو آ ۽ نواز ليگ جي قيادت مخالفت ڪري چڪي آهي. ان سلسلي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي پي ٽي آ سان ڳالهين لا مڃائڻ ۽ قائل ڪرڻ لا سندس اباڻي ڳوٺ عبدالخليل ڊيرا اسماعيل خان پهچي ويو، جتي ٻنهي اڳواڻن سياسي ڊائيلاگ لا وڌيڪ صلاح مشوري تي اتفاق ڪري ورتو آهي. بلاول سان پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي به گڏ هئا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل مذهبي معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور جي تعزيت ڪئي ۽ ڏک ونڊيو. ذريعن موجب بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته عيدالفطر کانپو اتحادي جماعتن جو اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو، ملاقات ۾ پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي قيادت اتفاق ڪيو ته ڊائيلاگ ذريعي ملڪ کي بحران ڪڍڻ لا جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو گڏيل اتفاق را سان هوندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ جٽادار جمهوريت ۽ ادارن جي هاڪاري آئيني ڪردار کي وقت جو سڀ کان اهم ضرور قرار ڏنو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪمران اتحاد جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي سخت مخالف ڪئي هئي، جڏهن ته اڪثر اتحادي پارٽين بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين واري تجويز سان اتفاق ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button