پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ جي هدايتن تي واڌو ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروايون

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي پوري صوبي ۾ واڌو ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري پراونشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي اميت نواناڻي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ مقرر ڀاڙن جي ڀڃڪڙي خلاف مهم دوران گذريل رات ڪراچي ۾ 45 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي. خلاف ورزي تي ٽرانسپورٽرن کي 15 هزار رپيا ڏنڊ ۽ 97 هزار رپيا مسافرن کي واپس ڪيا ويا. اهڙي طرح شهيد بينظير آباد ۾ به خلاف ورزي تي ٽرانسپورٽرن کي 5 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ 30 گاڏين جا چالان ڪيا ويا، 17100 رپيا ڏنڊ ۽ 7800 رپيا مسافرن کي واپس ڪيا ويا. بدين ۾ ٽرانسپورٽرن تي 7500 رپيا ڏنڊ ۽ 6800 رپيا مسافرن کي واپس ڪيا ويا. سکر جي ٽرانسپورٽ کاتي موٽر وي پوليس سان گڏجي روهڙي ملتان موٽروي تي ڪاروائي ڪندي ٽرانسپورٽرن کي 10500 رپيا ڏنڊ ۽ مسافرن کي 12300 رپيا واپس ڪرايا. ٽرانسپورٽ کاتي مٺي ۽ ٻين ضلعن ۾ به ٽرانسپورٽرن کي ڏنڊ لڳايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button