پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ اي سي ۽ مخالف ڌر خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇري ۾ ڳوٺ ڇاپر دين شاهھ جي بجير جي ماڻهن به مخالف ڌر خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ڇاپر دين شاهھ، کينسر، پيراڻو ۽ شهر سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسي بجير برادري جي سوين ماڻهن اي سي ۽ مخالف ڌر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هوٿي خان بجير، عثمان، اڪبر، يعقوب، بچل رفيق، انور علي، وڪيل مير مرتضى بجير ۽ ٻين چيو ته ميگھواڙ اڳواڻ ٿر ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين کي ميڊيا تي کڻي وڏو اشو ڏيکاري ٿر جو امن خراب ڪري نفرتون وڌائي رهيا آهن، ميگهواڙ برادري جي ماڻهن کي وڻ وڍڻ تان روڪيو هو، جنهن تان هنن لنگھه بند ڪرڻ جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو ۽ ڀتا خور پٽيلن جي چوڻ تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پ پ اڳواڻ سريندر ولاسائي، سمترا منجياڻي ۽ ٻين بااثرن جي چرچ تي اي سي علي حيدر شيخ ونگار وهندي گهرن تي چڙهائي ڪري گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button