پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ عورت جي زوري مذهب بدلائي شادي،قيد مان ڀڄي نڪتي

چيلهار: چيلهار ۾ عورت جي زوري مذهب بدلائي شادي ڪرائي وي. متاثر ناري قيد مان ڀڄي پناهه لا هڪ ڳوٺ ۾ پهتي. انساني حقن جي خاص معاون جي نوٽيس وٺڻ بعد پوليس عورت کي تحويل ۾ وٺي مٺي هلي وئي. چيلهار ڀرسان ڳوٺ هرپار ۾ هڪ سال کان مبينا قيد پرڻيل ناري گڏي ڪولهي مڙس جي قيد مان فرار ٿي چيلهار ڀرسان ڳوٺ جنجهيئر ۾ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن جي گهرن ۾ پناهه لا پهتي. ان موقعي تي ناري گڏي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته سال اڳ مبينا طور رات جي وقت ڳوٺ جي بااثر ماڻهن زبردستي اغوا ڪري ميرپورخاص ۾ جبري طور مذھب تبديل ڪرائي رستم جوڻيجو سان زوري شادي ڪرائي. سال کان ڳوٺ ھرپار ۾ مڙس رستم جوڻيجي جي قيد ۾ قابو ھيس، جتي ھٿن ۽ پيرن کي سنگهرون لڳل ھيون. اڄ موقعو ملندي قيد مان نڪري ڳوٺ جنجهيئر ۾ اچي پناھه ورتي آھي. هن روئيندي ٻڌايو ته والد جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، مون سان ظلم ٿيو آهي، سال تائين رستم جوڻيجو مون تي بي رحماڻو تشدد ڪندو ھو، ما چوي ٿي ته پاڻ بااثر ماڻهن سان پڄي نه سگهنداسين، زوري مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي، بااثر ماڻهن منهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي. هن گهر ڪئي ته بااثر ماڻهن ۽ رستم جوڻيجو خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف معاملي جو انساني حقن بابت صلاحڪار سريندر ولاسائي نوٽيس ورتو، جنهن بعد ڇوڪري کي پوليس چيلهار ٿاڻي تي کڻائي آئي، جتان کيس مٺي منتقل ڪيو ويو، عورت کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ واقعي جي ڄاڻ ملڻ تي پ پ اڳواڻ سمترا منجياڻي ڳوٺ جنجهيئر پهچي متاثر عورت سان ملاقات ڪئي ۽ ڄاڻ ورتي. سمترا منجياڻي کيس انصاف جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button