شوبز

جيا خان آپگهات ڪيس ۾ 10 سالن بعد جوابدار سورج پنچولي بري

بالي ووڊ فلم گجني ۾ ڪم ڪري شهرت ماڻيندڙ اداڪارا جيا خان آپگهات ڪيس ۾ 10 سالن بعد جوابدار اداڪار سورج پنچولي بري ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق سي بي آئي جي عدالت 2013ع ۾ آپگهات ڪندڙ جيا جي ڪيس جو محفوظ فيصلو نيٺ ٻڌائي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ اداڪار سورج پنچولي کي عدالت آپگهات لاءِ اتساهڻ ڪرڻ جي الزام مان بھ آجو ڪيو، عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ وقت جيا خان جي والدا رابعا اداس ٿي وئي.

جيا خان جي حياتي جي تصوير

عدالت پنهنجي محفوظ ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي تھ ڪيس ۾ ثبوتن بنا سورج پنچولي کي ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي، تنهنڪري کيس آزاد ڪجي ٿو. هوڏانهن عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي جيا خان جي ماءُ رابعا خان چيو تھ منهنجي آپگهات ناهي ڪيو، اها قتل ٿي آهي، کيس قتل لاءِ اتساهيو ويو، تشدد ڪيو ويو، تنهنڪري انصاف لاءِ هائي ڪورٽ وينداسين. هوڏانهن بري ٿيل اداڪار سورج پنچولي چيو تھ فتح سچ جي ٿي آهي. سورج پنچولي جي والدا زرينا وهاب چيو تھ پٽ جي بيگناهي لاءِ اسان 10 سال انتظار ڪيو، خدا مدد ڪئي آهي.

الزام هيٺ آيل سورج پنچولي

ياد رهي تھ جيا خان آپگهات کان اڳ خط لکيو، جنهن ۾ سورج پنچولي تي تعلقات خراب ڪرڻ، هراسمينٽ ۽ تشدد جا الزام هنيا، جنهن تحت سورج کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ ضمانت تي آزاد ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button