شوبز

ڪم ڪارڊيشن طلاق بابت ڳالهائيندي جذباتي، ڳوڙها ڳڙي پيس

آمريڪي ٽي وي اسٽار ڪم ڪارڊيشن طلاق بابت ڳالهائيندي جذباتي ٿي وئي، جنهن دوران سندس اکين مان ڳوڙها پڻ ڳڙي پيا آهن. ميڊيا مطابق ڪم ڪارڊيشن ذاتي سيريز واري سيزن جي ٽئين سيزن جي پريميئر جي حوالي سان  وائرل هڪ وڊيو ڪلپ ۾ روئندي بھ نظر آئي آهي، ڪلپ ۾ ساڻس گڏ والدا ڪرس جنر ۽ چار ڀينرون پڻ موجود آهن. ڪلپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي تھ ميزبان پاران راڳي ڪيني ويسٽ کان طلاق جي سوال تي ڪم ڪارڊيشن ڏک ۾ ڳالهائي نھ سگهي، جنهن تي سندس ڀيڻ کولي ڪرڊيشن کيس چوي ٿي تھ ڪم ڇا تون ٺيڪ آهين، ڪم کيس وراڻيو تھ، نھ، مان هرگز ٺيڪ ناهيان، گهٻراهٽ ٿي رهي آهي. جڏهن تھ ڪلپ ۾ ئي ڪم ڪارڊيشن چوي ٿي تھ ڪيني ٻارن بابت جنوني ڳالهيون ڪندو رهيو، ڪوڙ ڳالهايو، اسين معاملي تي خاموش رهيا آهيون، ڇوتھ هي ٻارن جي پرورش جو معاملو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button