شوبز

چوڌاري ايتريون بندوقون آهن جو مون کي خوف ٿئي ٿو: سلمان خان

بالي ووڊ فلمن جي سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي سيڪيورٽي کي پاڻ لاءِ تڪليف ڏيندڙ قرار ڏيندي چيو آهي تھ منهنجي چوڌاري ايتريون بندوقون آهن جو هاڻ مون کي بھ خوف ٿئي ٿو. ٽي وي شو ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي سلمان خان ٻڌايو تھ مان اهو ڪيان پيو جيڪو چيو ويو، سيڪيورٽي نھ هجڻ کان هجڻ بهتر آهي، اڪيلو نٿو گهمي سگهان. هن جو چوڻ هو تھ سيڪيورٽي مون سان گڏ هجي ٿي، مان بھ محسوس ڪيان ٿو تھ روڊن تي ٽريفڪ ۾ منهنجي ڪري عام ماڻهو تڪليف ۾ آهن. سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي تھ مون سروگيسي جي ذريعي ٻار پيدا ڪرڻ جو سوچيو هو. ميڊيا مطابق سلمان خان ٽي وي شو دوران ٻڌايو تھ مان هاڻ ڇا چوان، ٻار پيدا ڪرڻ جو پلان هو، پر ڇوڪري آڻڻ جي رٿابندي نھ هئي، هاڻ اهو پرڏيهه ۾ ٿي سگهي ٿو، ڀارت ۾ تھ پابندي لڳي وئي آهي، سوچيان ٿو تھ ڇا ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button