شوبز

هالي ووڊ ميٽ گالا ۾ عاليا ڀٽ جو انداز ڇائنجي ويو

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا عاليا ڀٽ هالي ووڊ ميٽ گالا 2023ع ۾ پنهنجي حسين انداز سبب ڇائنجي وئي آهي. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ ايونٽ دوران پرڏيهي مداحن جي بھ ڌيان جو مرڪز رهي، کيس سڏيندا رهيا، جنهن جي وڊيو سماجي رابطن واري پيج تي وائرل ٿي وئي آهي. هوڏانهن عاليا ڀٽ مداحن جو بي پناهه پيار ڏسي دل جو نشان ٺاهي کين ڀرپور موٽ بھ ڏني ۽ سندن سڏ تي کين هٿ لوڏيندي جواب ڏنو. ياد رهي تھ فلم هارٽ آف اسٽون ۾ ڪم ڪرڻ سبب عاليا ڀٽ ميٽ گالا ۾ شريڪ ٿي آهي، سندس اها فلم 11 آگسٽ تي سينيمائن ۾ رليز ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button