ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪڻڪ جو بمپر فصل ۽ مهانگو اٽو

Editorial

پاڪستان ۾ ڪا جنگ ڪونه پئي هلي نه ئي ڪا ايمرجنسي لڳل آهي پر تنهن هوندي به ماڻهو اٽي لاءِ پريشان آهن. اهي ان لاءِ به پريشان آهن، جيڪڏهن اهي هڪ ويلو کائيندا ته ٻيو ويلو ڪٿان آڻيندا. انهن کي اڄ به سستي اٽي جي گهرج آهي. جڏهن ته هر شهريءَ لاءِ اٽو مهانگو ٿي چڪو آهي. حڪومت سستي اٽي جا اسٽال لڳائي عوام کي جهڙي ريت خوار ڪري رهي آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اٽي جي حاصلات لاءِ ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي رهيا آهن، اهي پيهه ۾ پيرن هيٺيان لتاڙجي، چيڀاٽجي مارجي رهيا آهن. پر اهو سستو اٽو به کين چڱي ريت نٿو ملي. هن سال حڪومت اها هام هڻي رهي آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي. پر ڇا ان ڪڻڪ جي ڪري عوام کي سستو اٽو ملي سگهي ٿو.

وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ ڪڻڪ جي 2 ڪروڙ 75 لک ميٽرڪ ٽن رڪارڊ پيداوار تي الله جو شڪر ادا ڪندي چيو ته خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ ۾ هن سال ڪڻڪ گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ لٿي آهي، حڪومت جي هارين کي معياري ٻج، ڀاڻ فراهم ڪرڻ، ڪسان پئڪيج ۽ وقت سر فيصلن جي ڪري ڪڻڪ سٺي لٿي. گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ جي باوجود ڪڻڪ جو بمپر فصل حڪومت جي تڪڙن فيصلن ۽ بهترين گورننس جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سرڪاري سطح تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي حوالي سان جائزو وارو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ 2 ڪروڙ 75 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ لهڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪڻڪ جا موجوده ذخيرا، ڪيري فارورڊ ذخيرا وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي خريداري جي حدفن ۽ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم وفاقي وزير طارق بشير چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن کي مبارڪ ڏني. وزيراعظم سمورن ادارن کي پنهنجا حدف وڌائڻ جي هدايت ڏني. هن چيو ته مالي ڏکيائين باوجود ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ تي هارين ۽ پوري قوم کي واڌايون ڏيان ٿو، ايندڙ سال حڪومت هن کان به وڌيڪ پيداوار لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي. گذريل نااهل حڪومت جي بدانتظامي سبب پاڪستان ڪڻڪ ٻاهران گهرائيندڙ ملڪ بڻجي ويو، گذريل حڪومت هارين کي ڀاڻ لاءِ سڄو سڄو ڏينهن ڊگهين قطارن ۾ بيهاري ڇڏيو.
اسين سمجهون ٿا ته خوشي جي ڳالهه ان وقت هجي ها، جڏهن عوام کي هاڻُوڪي ڪڻڪ جي فصل جي ڪري سستو اٽو ملي سگهي ها ۽ ماڻهن کي اٽي جي خريداريءَ لاءِ ڪنهن قطار ۾ نه بيڻهو پوي ها. پر هتي صورتحال ايڏي ته خراب آهي جو عوام لاءِ اٽو زندگي ۽ موت جو مسئلو ٿي پيو آهي. حڪومت کي ڪڻڪ جي فصل تي خوشيون ملهائڻ بدران ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ماڻهن کي ٻه ويلا ماني عزت سان ملي سگهي. انهن کي اٽي جي خريداري پنهنجي جان جي قيمت ادا ڪري نه ڪرڻي پئي. ڇاڪاڻ ته اٽي جي فراهمي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ اهو بنا ڪنهن پريشانيءَ جي عوام تائين پهچڻ گهرجي. جيڪڏهن بمپر فصل جي ڪري به عوام کي مهانگو اٽو پيو ملي ته اها حڪومت جي نا اهلي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button