پاڪستانپنجاب

اسيمبليون نه ٽوڙيندا ته وڌيڪ ڳالهيون ختم، حڪومت جي ڪنهن به ڏٽي ۾ نه اينداسين: عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪومت سان هڪڙي ڳالهه ڪنداسين ته جيڪڏهن 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ٽوڙين ٿا ته اسان گڏيل چونڊن لاءِ تيار آهيون، سپريم ڪورٽ جو فيصلو تسليم نه ڪيو ويو ته قوم رستن تي نڪرندي، ڪنهن ڏٽي ۾ نه اينداسين، اسان پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرائينداسين. هو لاهور ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پي ٽي آ طرفان ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪري رهيو هو. عمران خان جي قيادت ۾ لبرٽي چوڪ کان ناصر باغ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت سان ڳالهين ۾ اسان کي هڪ ئي شرط رکڻو آهي ته 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ختم ڪيو ته پو اسان هڪ ئي وقت چونڊن لاءِ تيار آهيون، 14 مئي کان پهرين اسيمبليون نٿا ٽوڙين ته وڌيڪ ڳالهيون ممڪن نه آهن. هن چيو ته ملڪ تي ڏوهاري مڙهيا ويا آهن جيڪي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن، انهن جو رڳو هڪ ئي مقصد آهي ته مون کي رستي تان هٽايو وڃي، سپريم ڪورٽ واضح طور چئي چڪي آهي ته 14 مئي تي پنجاب جون چونڊون ٿينديون، سپريم ڪورٽ ڳالهين جو چيو آهي، جيڪڏهن هي متفق ٿي وڃن ٿا ته رڳو پنجاب نه پر سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون. هن چيو ته حڪمران ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهن، 14 مئي کان اڳ اسيمبليون ختم نه ڪيون ويون ته عدالت کي چونداسين ٻنهي صوبن ۾ چونڊون گهرجن، جيڪڏهن آئين ٽوڙيو ويو يا ججن خلاف ڪجهه ٿيو ته تحريڪ انصاف روڊن تي هوندي، اسان جي پارٽي سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سان گڏ بيهندي، حڪمران سمجهن ٿا اسان سندن رٿابندي ۾ ڦاسي پونداسين ته اها سندن ڀُل آهي، سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون، مُدو پورو ٿيڻ بعد نگران حڪومت جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي بهانا ڪري رهيا آهن ته بجيٽ ڏيڻ بعد چونڊون ٿينديون، جيڪڏهن هي سمجهن ٿا ته بد ديانتي تي ٻڌل هن منصوبي ۾ اسان اچي ۽ ڦاسي وينداسين ۽ چونڊون سيپٽمبر ۾ ڪرائي وٺندا ته هي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهن، آئين چئي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿئي، جيڪو اسان جو آئيني حق آهي، آئون حڪمرانن جي هينڊلرز کي خبردار ڪريان ٿو ته جيڪڏهن چونڊون نه ڪرايون ويون ته مان ۽ منهنجي قوم رستن تي نڪرندي ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرائينداسين، ايندڙ هڪ هفتي اندر صورتحال واضح ٿي ويندي، تنهن ڪري عوام تياري ڪري وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button