اسلام آبادپاڪستان

آِزاد ڪشمير جي نيلم درياهه ۾ جيپ ڪري پئي، 2 سيلاني ٻڏي فوت، 8 ڄڻا لاپتا

آزاد ڪشمير جي نيلم ماٿري ۾ جيپ درياهه ۾ ڪرڻ سبب 10 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان ٻن جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته ٻين جي ڳولا هلندڙ آهي. اپر نيلم وادي جي تعلقي شاردا ۾ ڳوٺ ڦلوي وٽ جيپ سان گذريل رات ساڍي 8 وڳي حادثو پيش آيو، جنهن سبب 12 سياح ۽ 2 مقامي ماڻهو ٻڏي ويا. مقامي ٽوٻن ۽ رضاڪارن 2 لاش ڪڍي ورتا، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي. پوليس موجب جيپ ۾ 14 ڄڻا سوار هئا، جن ۾ 12 سيلاني ۽ ڊرائيور سميت 2 مقامي ماڻهو شامل هئا. حادثي ۾ زخمي ٿيل 4 ڄڻن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب نيلم درياهه ۾ ٻڏي ويل ٻين ماڻهن جي زنده بچڻ جا امڪان گهٽ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button