پاڪستانعالمي

پهرين مئي جي شهيدن کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڀيٽا، شهر شهر ريليون، ليبر قانون تي عمل جو مطالبو

پهرين مئي تي پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ ۽ سڄي ملڪ سميت دنيا جي مختلف شهرن ۾ شڪاگو جي مزدورن کي خراج پيش ڪرڻ لا ريليون ڪڍيون ويون، جن کي 1886ع ۾ هڪ ڏينهن اندر 8 ڪلاڪ ڪم جو وقت طئي ڪرڻ لا احتجاج ڪرڻ تان پوليس هٿان شهيد ڪيو ويو هو. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي نڪتل ريلي ۾ احتجاج ڪندڙن کي هٿن ۾ ٻوٽن جون ٽاريون ۽ مختلف جهنڊا کنيل هئا. چين جي جڳ مشهور عظيم ديوار تي پورهيتن عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سوين ماڻهن واڪ ڪري شهيدن کي خراج پيش ڪيو. تائيوان جي گادي واري شهر تائيپي، ترڪيا جي راڄڌاني استنبول، ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي، احمد آباد، انڊونيشيا جي گادي واري هنڌ جڪارتا، فلپائن جي راڄڌاني منيلا ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ پهرين مئي جي مناسبت سان ريليون ڪڍيون ويون، استنبول ۾ پوليس مزدورن جي حق لا به ريلي ڪڍڻ تي مڇرجي پئي ۽ ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي حراست ۾ ورتو. ٻئي طرف بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ليبر فيڊريشن جي سهڪار سان مزدور يونينز طرفان وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن حصو ورتو. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي طرفان نيشنل ليبر فيڊريشن جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي. ان کانسوا لاهور، ملتان، مظفرآباد، پشاور، سيالڪوٽ، ڪوهه مري، گوجرانوالا، اٽڪ ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ آل پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن، پيپلز ليبر فيڊريشن، ريلوي ورڪرز يونين، پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، وومين ڊوميسٽڪ ورڪرز يونين ۽ جماعت اسلامي طرفان ريليون ڪڍي پورهيت حقن لا نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري چوڌري محمد ياسين ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته ملڪ جا پورهيت اڄ به گهٽ اجوري، نوڪري ۾ عدم تحفظ، ڪم ڪار لا غير محفوظ ۽ غير صحتمند حالتون، صحت ۽ سماجي تحفظ تائين پهچ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان کي سڀني مزدورن جي ڪم لا هڪ منصفاڻو ماحول قائم ڪرڻ جو مقصد حاصل ڪرڻ لا عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. هنن چيو ته اسان وزيراعظم شهباز شريف، انساني وسيلن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته ليبر قانون لاڳو ڪرڻ لا قدم کنيا وڃن ۽ غير رسمي معيشت جي پورهيتن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button