پاڪستانپنجاب

مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪنديس:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نواز شريف جلد واپس ايندو، جنهن جي قيادت ۾ ترقي جو سفر 2023ع ۾ ٻيهر شروع ٿيندو، پارليامينٽ پنهنجو فيصلو مڃرائي رهندي، هن وقت ملڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ عمران خان آهي. لاهور ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ليڊر سينو تاڻي نڪرندا آهن پر هتي عمران خان پنهنجو چهرو ڪاري دٻي ۾ لڪائي نڪرندو آهي، ڇاڪاڻ ته هي هڪ بزدل ماڻهو آهي. مريم چيو ته ملڪ جي معاشي حالتن جي بهتري لاءِ حڪومت ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي ۽ اسان پراميد آهيون ته ملڪ جلد ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 35 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته منهنجي خواهش آهي ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار رپيا هئڻ گهرجي، مان ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان اجرت وڌائڻ جي سفارش پڻ ڪنديس، موجوده حڪومت جي اها ئي ڪوشش آهي ته پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي روزگار ملي، مون ٻڌو آهي ته پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي فتنو خان لاهور ۾ ريلي ڪڍي رهيو آهي، مان کيس مشورو ڏينديس ته توهان صرف ملڪ خلاف سازش ڪرڻ بند ڪريو، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ پورهيت خوشحال ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ عمران خان آهي، ڇاڪاڻ ته 2017ع ۾ جڏهن نواز شريف وزيراعظم هو ته ان وقت ڊالر 100 رپين کان گهٽ هو، اٽي جو اگهه به گهٽ هو ۽ اورينج لائين ميٽرو بس جهڙا منصوبا آندا پئي ويا، جن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو هيٺئين طبقي کي ٿي رهيو هو. بعد ۾ نواز شريف خلاف سازش ڪئي وئي. جيڪا حقيقت ۾ پاڪستان خلاف سازش هئي، سڄي دنيا ڏٺو ته ٻين کي چور چوندڙ جج جي پنهنجي پٽ ٽڪيٽ ڏيارڻ عيوض هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا رشوت وصول ڪئي، جيڪو مبينا آڊيو ۾ جهلجي پيو، مان ان ڳالهه جي حق ۾ آهيان ته فون ڪالز ٽيپ نه ٿيڻ گهرجن پر جيڪي ماڻهو ملڪ جي سلامتي خلاف مسلسل سازش ڪري رهيا آهن انهن جا ڪرتوت عوام آڏو آڻڻ گهرجن. هن چيو ته اڄ ملڪ جي عوام ۽ دنيا ڏسي ورتو آهي ته اصل سسيلين مافيا ۽ گارڊ فادر ڪير آهن ڇو ته ملڪ خلاف سازش ڪندڙ سڀني جي سامهون وائکا ٿي چڪا آهن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي ۽ ان جا ڪيل فيصلا ملڪ، عوام ۽ ادارن جي بهتري لاءِ هوندا آهن، مان ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته پارليامينٽ جا ڪيل فيصلا ادارن کي مڃڻا پوندا، چونڊون آڪٽوبر ۾ ئي ٿينديون ۽ هن ڀيري آر ٽي ايس ڊائون نه ٿيندو، ڇو ته هن دفعي پيپر آئوٽ ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button