سنڌ

عمران خان دور ۾ سڀ کان وڏو ظلم مزدورن تي ٿيو:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مزدورن جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مزدورن ۽ هارين کي اسيمبلين ۾ نمائندگي ڏيارينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن جي حقن تي ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿيندي، مزدور خوشحال هوندو ته پاڪستان خوشحال ٿيندو. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام مينديٽ ڏنو ته ملڪ جي پورهيتن لاءِ بي نظير مزدور ڪارڊ آڻينداسين. بلاول ڀٽو چيو ته اڄ شڪاگو جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پي پي چيئرمين چيو ته عمران خان دور ۾ جيترو ظلم مزدورن هارين، ۽ پگهاردار طبقي تي ٿيو، ملڪ جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن پاڪستان ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي پنهنجي اي ٽي ايمز ۽ امير طبقن کي نوازڻ واري پاليسين جو نتيجو هاڻي ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. پيپلزپارٽي اڄ غريب عوام کي عمران خان رجيم جي تباهين کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مزدور پاليسي جاري ٿيڻ، ٽريڊ يونينز جي حقن کي شهيد ڀٽو متعارف ڪرايو، شهيد بينظير ڀٽو مزدورن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ انقلابي قدم کنيا. هن چيو ته آصف زرداري پگهارن ۽ پينشنن ۾ به رڪارڊ اضافو ڪيو، بي زمين هارياڻين کي زرعي زمين جو مالڪ بنائڻ عوامي حڪومت جو ڪارنامو آهي، ملڪ جا پورهيت طبقا وڌ کان وڌ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ان کي وڌيڪ طاقتور بڻائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button