شوبز

صبا قمر هارون شاهد لاءِ سکيا جو ورڪشاپ بڻجي وئي

پاڪستان جي ور اسٽائيل اداڪارا صبا قمر هارون شاهد لاءِ سکيا جو ورڪشاپ بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق هارون رشيد ۽ صبا قمر اڄڪلهه هڪ اهم پراجيڪٽ ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي سيٽ تان هارون رشيد صبا قمر سان گڏ تصوير شيئر ڪئي آهي ۽ ان جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ صبا قمر ملڪ جي انتهائي ذهين ۽ پختي اداڪارا آهي، جنهن سان گڏ ڪم ڪندي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن لکيو تھ صبا قمر فن جو پاور هائوس  آهي، ساڻس گڏ ننڍو پر اهم پراجيڪٽ ڪيان پيو، اها منهنجي لاءِ ڪنهن ورڪشاپ کان گهٽ ناهي، ڇاڪاڻ تھ مان کائنس سکي رهيو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button