سنڌ

رتيديري ۾ هٿياربندن چنگچي رڪشا هلائيندڙ ڳوٺاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

رتيديري ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان چنگچي ڊرائيور کي قتل ڪيو ويو. تفصيل موجب رتوديرو ٿاڻي جي حد ڪوهري شاخ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ وليداد گابر جي رهواسي چنگچي هلائيندڙ 45 ورهين جي ذوالفقار پٽ الهوڌايو جسڪاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي ڀاءُ حبيب الله ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو ڀٽي ڌر سان سڱاوتي تڪرار تي مسئلو هلندڙ آهي جنهن تان منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منهنجو ڀاءُ چنگچي تي سواري کڻي ڳوٺ وليداد گابر اچي رهيو هو ته رستي ۾ اياز ڀٽي، حاجي نذير، جبل عرف جبلو، پپو، جميل ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار موٽر سائيڪل تي سوار هئا اهي منهنجي ڀاءُ مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا. ٻئي طرف مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button