سنڌ

ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور جا مغوي نه موٽيا، وارثن ۽ شهرين جا انڊس هائي وي تي ڌرڻا

ڪنڌڪوٽ ضلعي جي پوليس 9 کان وڌيڪ مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ دلچسپي گهٽائي ڇڏي، مغوين جي وارثن ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري انڊس ها وي تي ڌرڻا هنيا آهن. ڪنڌڪوٽ واسي چار دوستن واجد ملڪ، ماجد، آصف شيخ، بيگ شيخ سميت سڀني اغوا ٿيلن جي بازيابي اڃا تائٔين عمل ۾ نه اچي سگھي آهي، پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئٔي، جنهن ڪري ڏوھارين سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. مغوين جي بازيابي لا سياسي سماجي اڳواڻن وارثن سان گڏ انڊس ھا وي ٻيڙي چوڪ رڪاوٽون رکي ڌرڻي سان روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڪرمپور ۾ اغوا ٿيل نورالدين بهلڪاڻي، سڄڻ ميراڻي، الهڏنو لاشاري، خدابخش ٽانوري ۽ علي مردان ننداڻي جي واپسي لا مڇي ٻنڊو اسٽاپ وٽ 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مغوين جي وارثن دلمراد ڏاھاڻي، والي ڏنو سنڌي، نھال ملڪ، جمال الدين اوڳاهي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن چيو ته اسان پوليس کان مايوس ٿي احتجاج تي مجبور ٿيا آهيون، ڪرمپور مان پنج ماڻهو اغوا ٿيل آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي، ضلعي جي چارج ايس ايس پي عرفان سمون وٽ هجڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، اغوا ٿيل ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نٿي ڪري، اسين هن احتجاج ذريعي وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڏوھارين خلاف ايڪشن کڻي مغوي بازياب ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button