سنڌ

جوا ڪيس ۾ ڏوهه ثابت، 4 جوابدارن کي ڪورٽ ۾ وڻ پوکي پاڻي ڏيڻ جو حڪم

شڪارپور جي عدالت جوابدارن کي ڇهن مهينن تائين ڪورٽ ۾ وڻ پوکي پاڻي ڏيڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. رستم جي ڳوٺ طيب مھر واسي اسدالله مھر ڳوٺ ڪاري ڪلر واسي جاگيراڻي سميت ڳوٺ کبڙي واسي محمد نواز شيخ ۽ محمد يوسف لاشاري کي شڪارپور جي فرسٽ سول جج ضمير احمد سومرو جي عدالت جوا جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي عدالت اندر 6 مھينن تائين وڻ پوکڻ سميت ھر پندرهين ڏينھن پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو. جوابدارن تي مھينو اڳ رستم ٿاڻي تي جوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنهن بعد ھو ضمانت تي آزاد ھئا، چئني جوابدارن کي گذريل ڏينھن جوا جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي عدالت سزا ٻڌائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button