اسلام آبادپاڪستان

14 مئي تي چونڊن جو حڪم برقرار،ڳالهين جي هدايت ناهي ڪئي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ 27 اپريل تي ٿيندڙ شنوائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ طرفان 3 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ رابطن کان آگاهه ڪيو. فاروق نائيڪ سينيٽ چيئرمين جي ڪردار کان عدالت کي آگاهه ڪيو. لکت حڪم نامي موجب سپريم ڪورٽ سياسي جماعتن کي ڳالهين جي ڪا هدايت نه ڪئي، سياسي جماعتن طرفان ڳالهيون انهن جي پنهنجي ڪوشش آهي. سپريم ڪورٽ جو 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم برقرار آهي. واضح رهي ته گذريل شنوائي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هئا ته عدالت ڳالهين تي مجبور نٿي ڪري سگهي. رڳو آئين تي عمل چاهي ٿي، سياسي جماعتون آئين تي عمل لاءِ هڪٻئي سان گڏ ويهن. چيف جسٽس چيو هو ته عدالت جو ڪو حڪم نه رڳو تجويز آهي، قومي مفاد ۽ آئين جي تحفظ لاءِ اتفاق نه ٿيو ته جيئن هلي رهيو آهي ائين ئي هلندو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومت ۾ ڳالهين جا ٽي دور ٿيا، ڳالهين ۾ اتفاق ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرايون وڃن پر چونڊن جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button