پاڪستانعالمي

بلاول شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پهچي ويو

گوا : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي شهر گوا پهچي ويو آهي. جتي هن روسي هم منصب سان ملاقات ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خاص جهاز ذريعي ڀارتي شهر گوا پهتو. گوا ۾ شنگهائي ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ سياسي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪيا ويا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت جي دوري جا تفصيل سامهون آيا آهن. شيڊول موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ سندس روسي هم منصب وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ روس لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته ٻه طرفي دلچسپي جي معاملن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير روس سان تعاون ۽ هم آهنگي جا نوان موقعا کولڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن کي پنهنجي ڀارتي هم منصب طرفان اعزاز ۾ 9 وڳي رات جي ماني جي ميزباني ڪندو. ذريعن موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ڀارتي هم منصب سبرامنيم جي شنڪر رات جي ماني دوران ملي سگهن ٿا. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ شايد هلڪي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اڃا تائين ڪا به ٻطرفي ملاقات نه ٿي آهي. پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان به ملاقات ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button