شوبز

ايران ۾ حجاب نھ پائڻ تان 2 اداڪارائن خلاف ڪيس داخل

ايران جي پوليس حجاب نھ پائڻ تي ملڪ جي ٻن مشهور اداڪارائن ڪوثري ۽ شقايق دهقان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق اداڪارائن ڪوثري ۽ شقايق دهقان خلاف ڪاروائي ٿيڻ بعد انهن کي لڳايل قلمن تحت قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪوثري ۽ شقايق دهقان ساٿي اداڪار حسام محمودي جي آخري رسمن ۾ اداڪارائن بنا حجاب شرڪت ڪئي آهي. ياد رهي تھ ايران ۾ ڪجهه وقت کان سخت پابندين خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ اداڪارائون پڻ انهن احتجاجن جو حصو بڻجنديون رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button