شوبز

مڙس کان ڌار ٿيڻ واريون خبرون اجازت بنا ڇپيون: زارا ترين

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا زارا ترين ميڊيا ۾ پنهنجي شادي ٽٽڻ يا مڙس کان ڌار ٿيڻ وارين خبرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ مڙس کان ڌار ٿيڻ واريون خبرون اجازت بنا ڇاپيون ويون آهن. هڪ رسالي زارا ترين جي سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ جو حوالي ڏيندي دعوا ڪئي آهي تھ زارا ترين جو چوڻ آهي تھ مان زندگي جي انتهائي ڏکئي وقت مان گذري رهي آهيان، ماڻهو ان جو خيال رکن، ڇاڪاڻ تھ هن وقت ان ڳالهه لاءِ هرگز تيار ناهيان تھ مان علحدگي واري خبر جو اعلان ڪيان. ياد رهي تھ زارا ترين جي مڙس کان علحدگي واريون خبرون سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن اڳ هليون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button