شوبز

ندا ياسر جا تڪرار ختم نھ ٿيا، پابندي لڳائڻ جو مطالبو

پاڪستاني اداڪارا ۽ مارننگ شو جي ميزبان ندا ياسر جي شوز جا تڪرار اڃا تائين ختم نھ ٿي سگهيا آهن ۽ تازو پيش ٿيل شو بعد مداحن جي وڏي اڪثريت ندا ياسر ۽ سندس شوز تي پابندي لڳائڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ندا ياسر پنهنجي تازو پيش ڪيل مارننگ شو ۾ حقيقي سس ۽ ننهن آڻي انهن جو پاڻ ۾ ٿيندڙ جهيڙو ڏيکاريو آهي. شو دوران سس ننهن کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن آن اسڪرين پنهنجي اختلافن تي بھ بحث ڪيو آهي. هوڏانهن مداحن کي ندا جو شو نھ وڻيو آهي، جن ندا کان سخت لهجي ۾ سوال ڪيو تھ آخر ائين ڇو آهي، تنهنجي شوز ۾ ايڏو زهريلو مواد نشر ٿئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button