رانديون

ٽم پين آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آسٽريليا جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ٽم پين ڪپتاني ڇڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ٽم پين پريس ڪانفرنس دوران مختصر بيان ڏيندي ٻڌايو تھ منهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو ڏکيو ضرور آهي پر اهو ڪرڪيٽ، مون ۽ منهنجي گهرڀاتين لا بهترين آهي. هوڏانهن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪرڪيٽ آسٽريليا ڪپتان ٽم پين جي عهدي تان استعيفيٰ کي قبول ڪري ورتو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي تھ ٽم پين ايندڙ ايشز ٽيسٽ سيريز ۾ سليڪشن جي مد ۾ دستياب هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button