سنڌ

سکر پوليس مقتول ناري جو وجود ئي نه هجڻ جي رپورٽ ڏئي خون لوڙهي ڇڏيو

سکر پوليس صحافي جي نوجوان ڀيڻ جو خون لوڙهي ڇڏيو، مقتولا جي وارثن الزام هنيو آهي ته ڀوتارن جي دٻاءُ ۽ رشوت تي قانون جي رکوالن جاچ رپورٽ ۾ نياڻي جو وجود ئي نه هجڻ جي رپورٽ ڏئي قاتلن کي ڪِلين چِٽ ڏئي ڇڏي. سکر پريس ڪلب ۾ پنهنجي ڀائرن حق نواز ۽ اعظم طارق جتوئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سکر جي نوجوان صحافي جي ايم حيدري چيو ته 2016ع ۾ ڀيڻيوي حافظ محمد جي وفات کانپوءِ مرحوم جي وڏي ڀاءُ احمد جتوئي اسان جي ڀيڻ ۽ پنهنجي بيواهه ڀاڄائي عائشا سان شادي جي خواهش ڏيکاري، اسان جي ڀيڻ عائشا پنهنجي ڏير احمد سان شادي کان انڪار ڪيو. جنهن تي 25 اپريل 2016ع تي جوابدارن هاشم جتوئي، عالم جتوئي، احمد جتوئي ۽ ٻين سکر جي اسلام ڪالوني واري علائقي ۾ واقع اسان جي گهر تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي اسان جي بيواهه ڀيڻ عائشه کي اغوا ڪري کڻي ويا، جنهن کي قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو، اسان کي چيو ويو ته اسان ڇوڪري کي ڪارنهن ۾ قتل ڪيو آهي.

جي ايم حيدري چيو ته ڄاڻايل جوابدار ڪارو ڪاري کي ڪاروبار بڻائي هيل تائين ڪچي توڙي پڪي ۾ سوين نياڻيون قتل ڪرائيندڙ شڪارپور جي بااثر ڀوتارن اڳوڻي صوبائي وزير عابد جتوئي ۽ اڳوڻي ايم اين اي ابراهيم جتوئي جا ملازم آهن. ڄاڻايل ڀوتارن سکر پوليس تي دٻاءُ وجهي اسان جي ڀيڻ جي قتل جي ايف آئي آر ڪاٽڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، وڏين ڪوششن کانپوءِ سکر پوليس نئين پنڊ ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو پر هڪ به جوابدار کي هڪ ڏينهن لاءِ به گرفتار نه ڪيو ويو، شڪارپور جي انهن ڀوتارن جي دٻاءُ ۽ جوابدارن پاران لکين رپيا رشوت ملڻ تي سکر جي پوليس عملدارن ڌڻي بخش ورند ۽ امجد مغل عدالت ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي گمراهه ڪيو ته اغوا ۽ قتل ڄاڻايل عائشه نالي فريادي خاندان ۾ ڪا ڇوڪري پيدا ئي ناهي ٿي، پوليس پاران عدالت کي پيش ڪيل جاچ رپورٽ ۾ اسان پاران ڀيڻ جي اغوا توڙي قتل بابت ڏنل ثبوتن توڙي اسان جي بيانن کي جاچ رپورٽ جو حصو ئي نه بڻايو ويو. جڏهن ته جوابدارن پاران اسحاق جتوئي سان پرڻيل اسان جي امڙ کي سندس پٽن (اسان ڀائرن) کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي کانئس عدالت ۾ زبردستي پنهنجي حق ۾ بيان ڏياريو ويو. اهڙي گمراهه ڪن رپورٽ ۽ امڙ جي زبردستي ڏياريل بيان جي بنياد تي اسان جي پاران داخل ڪرايل ايف آئي آر کي خارج ڪيو ويو.

هن چيو ته 6 سالن کان ڀيڻ جي ناحق قتل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون پر هن وقت ڪنهن به اداري پاران نوٽيس ناهي ورتو ويو. هن اپيل ڪئي ته سندس ڀيڻ جي قتل جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف قتل جي ايف آئي آر داخل ڪرائي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

جي ايم حيدري چيو ته شهيد ناظم جوکئي جي قتل کانپوءِ سنڌ جي شعور پاران ڏيکاريل ردعمل ڀوتارڪي نظام خلاف آواز اٿارڻ لاءِ حوصلو ڏنو آهي، ڀيڻ جي ناحق قتل ۽ ڀوتارن پاران قاتلن جي سرپرستي ڪرڻ خلاف 28 نومبر تي گھنٽا گهر چوڪ کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. ان سلسلي ۾ سکر جي سڄاڻ ڌرين انسان نيٽ ورڪ جي چيئرپرسن زبيدا ڪنول، سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائستا کوسو، ناري فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر انور مهر ۽ ٻين صحافي جي ايم حيدري جي ڀيڻ عائشہ جو خون لوڙهڻ خلاف اعلانيل احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button