شوبز

جيڪولين فرنانڊس پنهنجو سامان ايئرپورٽ تي وساري ويٺي

بالي ووڊ جي سريلنڪن اداڪارا جيڪولين فرنانڊس پنهنجو سامان ايئرپورٽ تي وساري ويٺي آهي. ميڊيا مطابق جيڪولين فرنانڊس ممبئي ۾ ايئرپورٽ تي پنهنجو سامان اميگريشن جي باڪس وٽ ڇڏي پاڻ ٻاهر نڪري آئي، جتي ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود هئا، جن کائنس 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ بابت سوال ڪرڻ گهريا، جن کان بچڻ خاطر جيڪولين واپس ايئرپورٽ ۾ اندر هلي وئي، جتي کيس ياد آيو تھ سامان وساري آئي آهي، جيڪو ان ئي جڳهه تي پيو هو، جتي هن وساريو هو، جيڪو سندس سيڪريٽري کڻي آيو. هوڏانهن هدايتڪار راگهو شرما جيڪولين سان گڏ ايئرپورٽ مان ٻاهر آيو، جنهن دوران ٻئي مصروف نظر آيا، اندازو آهي تھ ٻئي ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button