اسلام آبادپاڪستان

ٻيهر گرفتار ٿيس ته عوام کي ڪير ڪنٽرول ڪندو:عمران

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪيترائي ڪلاڪ اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ ترسڻ بعد رات دير سان سخت سيڪيورٽي ۾ آزاد ٿي روانو ٿي ويو. ها ڪورٽ ٻاهران فائرنگ ۽ شيلنگ سبب هو عدالت ۾ ئي موجود رهيو. عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته اهڙو ئي ردعمل ايندو ۽ نٿا چاهيون ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿئي. قوم کي چوان ٿو ته پرامن احتجاج لا تيار رهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مون کي 100 سيڪڙو خدشو آهي ته گرفتار ڪيو ويندس، جيڪڏهن ضمانت رد ٿي ته مزاحمت نه ڪندس. هن چيو ته گرفتار ٿيس ته ماڻهن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جيڪڏهن ٻيهر گرفتار ٿيس ته عوام کي ڪير ڪنٽرول ڪندو؟ نٿا چاهيون ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿئي. عمران خان چيو ته مان هاءِ ڪورٽ ۾ ويٺو هوس، مون کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو به جواز نه هو، مون کي اغوا ڪيو ويو. جڏهن مون کي حراستي مرڪز ۾ آندو ويو ته پهريون ڀيرو وارنٽ ڏيکاريا ويا، جتي ائين ٿئي ٿو، اهو جنگل جو قانون آهي، ڄڻ ته مارشل لا جو اعلان ڪيو ويو هجي. هن چيو ته”جڏهن مون کي اندر ڪيو ويو ته آئون ڪيئن ذميوار ٿي سگهان ٿو؟” هن سپريم ڪورٽ ۾ چيو ته جيڪو ٿيو اهو ٺيڪ ناهي، هي ملڪ منهنجو آهي، عوام منهنجو آهي. گرفتاري کانپوءِ ٿيل خوني فسادن جي حوالي سان هن چيو ته ڪالهه جڏهن مان عدالت پهتس ته خبر پئي ته 40 ڄڻا مارجي ويا آهن. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي عمران خان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو. عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊائري برانچ ۾ بايو ميٽرڪ ڪرائڻ کان پوءِ نڪتو ته هن ڪئميرائن کي ڏسي وڪٽري جو نشان بڻايو. ان موقعي تي صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته قيد دوران اوهان جون اسٽيبلشمينٽ سان ملاقاتون ٿيون؟ ان تي عمران خان انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. نمائندي سوال ڪيو ته ڇا اوهان ڄمي بيٺا آهيو يا ڊيل ڪري ورتي آهي، ان تي پي ٽي آئي چيئرمين مرڪيو، صحافي پڇا ڪئي ته اوهان جي خاموشي کي ڇا سمجهون، ڇا ڊيل ڪئي وئي آهي، ان تي عمران خان وات تي آڱر رکي خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو. صحافين وري سوال ڪيو ته اوهان مڪمل خاموش ڇو آهيو، ان تي عمران خان ڪوئي جواب نه ڏنو. ان موقعي تي هڪ ٻئي صحافي عمران خان کي چيو ته اوهان پهريان ويل چيئر تي آيا هئا ۽ هاڻ صحت مند لڳي رهيا آهيو، ان تي به اڳوڻي وزيراعظم ڪو جواب نه ڏنو. صحافي سوال ڪيو ته جيڪو به گرفتاري کان واپس اچي ان جو سافٽ ويئر اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي، ڇا توهان سان ائين ٿيو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته ڇا مان حقيقي آزادي جي نعري تان پوئتي هٽي ويو آهيان؟ هن وڌيڪ چيو ته جيڪو به پنهنجي مرضيءَ لاءِ وڙهندو، منهنجي حقيقي آزادي جي جدوجهد جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button