اسلام آبادپاڪستان

فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ متحد آهي، مارشل لا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي:فوجي ترجمان

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري ڪنهن به فوجي آفيسر طرفان استعيفا ڏيڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ متحد آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اندروني شرپسندن ۽ ٻاهرين دشمنن جي ڀرپور ڪوششن جي باوجود پاڪ فوج جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ متحد هئي، متحد آهي ۽ متحد رهندي، ان کي ورهائڻ جو خواب، خواب ئي رهندو، فوج ۾ ڪنهن به استعيفا ناهي ڏني ۽ نه ئي ڪنهن حڪم کي پٺي ڏني آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جنرل عاصم منير ۽ اعليٰ فوجي قيادت دل ۽ جان سان جمهوريت جي حمايت ڪري ٿي ۽ ڪندي رهندي، مارشل لا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف ۽ ان سان گڏ سموري عسڪري قيادت جمهوريت تي يقين رکي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button