اسلام آبادپاڪستان

وڌيڪ ڏکيا فيصلا نه ڪنداسين، آئي ايم ايف معاهدو نٿو ڪرڻ چاهي ته نه ڪري:اسحاق ڊار

آءِ ايم ايف ترجمان چيو آهي ته نائين جائزي جي ڪاميابي لاءِ پاڪستان کي واڌو فنڊنگ جي ضرورت آهي، ردعمل ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڏکيا فيصلا نٿا ڪري سگهون، آ ايم ايف کي معاهدو ڪرڻو آهي ته ڪري، جيڪڏهن نٿو ڪرڻ چاهي ته ڀلي نه ڪري. اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته آ ايم ايف جي مطالبي تي وڌيڪ ڏکيا فيصلا نٿا ڪري سگهون، اسان کي جيڪي اڳواٽ قدم کڻڻا هئا اهي کڻي ورتا آهن، وڌيڪ ڪجهه نه ڪنداسين، مئي ۽ جون ۾ 3 ڏهائي 7 ارب جي ادائيگين جو ارادو آهي ۽ ادائيگين ۾ ڪا پريشاني ناهي، اميد آهي ته چين پاڪستان جو وڌيڪ 2 ڏهائي 4 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيندو، وفاقي بجيٽ 9 جون تي پيش ڪئي ويندي. ٻئي طرف واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايم ايف ترجمان چيو ته اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کي دوست ملڪن کان فنڊنگ جي خاطري گهربل آهي، پاڪستان جي ٻاهرين ڀائيوارن طرفان طئي ٿيل فنانسنگ سٺو سنئوڻ آهي ۽ دوست ملڪن کان پاڪستان جي فنڊنگ جي آجيان ڪنداسين. ترجمان چيو ته نائين جائزي جي ڪاميابي لاءِ پاڪستان کي واڌو فنڊنگ جي ضرورت آهي، اختياريون نائون جائزو مڪمل ڪرڻ لاءِ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پاڪستاني اختيارين سان قرض پروگرام جي بحالي لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ مصروف آهيون، پاڪستان کي بيلنس آف پئمينٽس لاءِ ادائيگين جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button